لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي

لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي: ميگهواڙ برادريءَ جي پهرين ماسترياڻي، دادي لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻيءَ جو جنم چيلهار، ضلعي ٿرپارڪر ۾، 01 مئي 1926ع تي ٿيو. هن پنهنجي چاچي، نامياري اديب ۽ ’تاريخ ريگستان‘ جي مصنف رائچند راٺوڙ ۽ ڀاءُ استاد ڀاني مل سرتاڻيءَ جي ڪوششن سان ۽ پنهنجيءَ محنت ۽ لگن سان تعليم حاصل ڪئي. ذهين شاگردياڻي هئڻ ڪري، هن 1941ع ۾ سنڌي فائنل جي امتحان ۾ سڄيءَ سنڌ اندر پهريون نمبر کڻي، ناماچاري حاصل ڪئي. سندس پهرين مقرري پرائمري ماسترياڻيءَ جي حيثيت ۾ ميرپورخاص لڳ پرائمري گرلس اسڪول کاڻ ۾، 5 آڪٽوبر 1943ع تي ٿي. هن پنهنجي مڙس ماستر ساهو مل نگاڻيءَ سان گڏجي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن- ڊينگاڻ ڀرڳڙي، چيلهار، ڀوريلي ۽ کُڏي جان محمد رند ۾ استاد جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنا. سماج ۾ پٺتي پيل ذاتين مينگهواڙن، ڀيلن وغيره جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ دادي لالي ٻائيءَ جو ڪردار تمام مٿانهون آهي. اڄ به ٿرپارڪر ۾ دادي لالي ٻائي هڪ ذهين ۽ همدرد ماسترياڻيءَ طور سڃاتي وڃي ٿي. دادي لالي، 18 جولاءِ 2008ع تي ديهانت ڪري وئي ۽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ چيلهار، تعلقي ڇاڇري ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس ور پڻ ابدي آرامي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.05.01  عيسوي

دادي لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻيءَ جو جنم چيلهار، ضلعي ٿرپارڪر ۾، 01 مئي 1926ع تي ٿيو.


2008.07.18  عيسوي

دادي لالي، 18 جولاءِ 2008ع تي ديهانت ڪري وئي.


1943.10.05  عيسوي

دادي لالي جي پهرين مقرري پرائمري ماسترياڻيءَ جي حيثيت ۾ ميرپورخاص لڳ پرائمري گرلس اسڪول کاڻ ۾، 5 آڪٽوبر 1943ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسليم دارا
سچل شيخ
ايڊيٽر
پنهور رشيده اختر
ڄام آري:
سيما ابڙو ڊاڪٽر
جتوئي محمد ابراهيم
جون رضه
ايبڪ
انيس انصاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون